عالم خواب ڪتاب

عالم خواب ڪتاب

عالم خواب ڪتاب

عالم خواب (ڪتاب): شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو لکيل هي ڪتاب خوابن ۽ انهن جي تعبير بابت مواد تي مشتمل آهي. مرزا صاحب خوابن جي پراسرار دنيا جا ڪيترائي تجربا، جيڪي مختلف ڪتابن ۾ درج ٿيل هئا، انهن کي سهيڙي ترجمو ڪري ڪتابي شڪل ڏني هئي. هن ڪتاب ۾ يورپ کنڊ جي معزز ماڻهن جا عجيب و غريب خواب ۽ انهن جا نتيجا ۽ معروف عالمن ۽ مصنفن جا رايا قديد وقت کان وٺي هلندڙ صديءَ تائين ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي منڍ ۾ خواب جي حقيقت بابت مختصر بيان ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري پاران 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڊيمي سائيز جي 108 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 220 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو